تفسير سورة يوسف 2

تفسير سورة يوسف: قرآن پاڪ جي سورة يوسف جو هيءُ تفسير قلمي صورت ۾ نامياري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتبخاني جي زينت بڻيل آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“ جي عنوان سان هڪ شاندار ڪتاب شايع ٿيو آهي، تنهن ۾ هن تفسير جو عڪس ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب فهرست ۾ هن تفسير جو جيڪو مختصر تعارف ڏنو آهي. تنهن ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته هن تفسير جو مصنف مخدوم عبدالله نرئي وارو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو